رامداس سوامي

رامداس سوامي: مشهور شاعر سوامي رامداس جو جنم 1879ع ڌاري شڪارپور ۾ ٿيو. سوامي رامداس جو اصل نالو چوهڙ سنگهه هو. پر کٽ واري درٻار جي گاديسر سوامي ڪاشيداس جي مرڻ کانپوءِ جڏهن کيس گاديءَ تي ويهاريو ويو ته سندس اصل نالي بدران مٿس رامداس نالو رکيو ويو. شڪارپور شهر ۾ سوامي رامداس جي مڃوتي هوندي هئي. هندو پنهنجي پئنچاتي ۽ ذاتي مسئلن ۾ کيس منصف سمجھي فيصلا ڪرائيندا هئا. پاڻ جيڪو به فيصلو ڪندو هو، سو هر ڌر کي قبول هوندو هو ۽ ڪو به ان کان انڪار نه ڪندو هو. ورهاڱي کان پوءِ بمبئيءَ جي کار علائقي ۾ وڃي آباد ٿيو، جتي پڻ درٻار قائم ڪيائين. سوامي رامداس مٿان سنڌ جي ويدانتي شاعر ساميءَ جو ڪافي اثر رهيو. ساميءَ وانگر سوامي رامداس جا به ڪيترا ’سلوڪ‘ ملن ٿا. سوامي رامداس، 14 ڊسمبر 1955ع تي بمبئيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو